ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي دعويٰ ڪئي ته ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيل ريلي مڪمل ريفرنڊم هئي، شهرين جي اميدن ۽ فيصلن جي ترجمان متحدا قومي موومينٽ بڻجي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن هر دور ۾ ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي.
هن چيو ته نسل پرست حڪمرانن ڪراچي جي آبادي گهٽ ڏيکاري، جڏهن ته ڪالهه سڀني سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ڏيو مُنهن! رد ٿيل ريلي جي آسري تي خالد مقبول کي ”ملڪ ۾ وڌ کان وڌ انتظامي يونٽ گهرجن“
You might also like