پئرس اولمپڪس کان اڳ ارشد نديم پنهنجا ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

اولمپيئن ارشد نديم چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ آئوٽ ڊور ٽريننگ شاندار رهي ۽ هاڻ پئرس اولمپڪس ۾ بهترين ڪارڪردگي سندس هدف آهي.
اولمپيئن جيولين ٿرور ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا ۾ پنجن هفتن جي آئوٽ ڊور ٽريننگ مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن دوران هن ٿرو تي ڀرپور ڪم ڪيو، هو ٻن اِن ڊور سيشنز کانپوءِ ايندڙ هفتي ڏيهه واپس ورندو
ارشد نديم چيو ته آئوٽ ڊور ٽريننگ انتهائي شاندار رهي ۽ ٿرو ۾ بهتري آئي آهي، ڪوچ ٽرسيوس ليبنبرگ ٽڪنيڪ کي بهتر بڻايو آهي ۽ هاڻ فٽنس جي حوالي سان به پهريان کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته مڪمل رڌم ۾ آهيان ۽ هاڻ عالمي مقابلن ۾ فرق نظرايندو، پئرس اولمپڪس ۾ بهترين ڪارڪردگي منهنجو هدف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.