هيرا منڊي جو گانو ”سڪل بن“ 700 سال پراڻو نڪتو

ڀارتي مشهور فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي جي پهرين ويب سيريز هيرا منڊي جو مشهور گانو سڪل بن 700 سال پراڻو نڪتو آهي.
سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي عاليشان سيٽن وارين فلمن ڪري مشهور آهي ۽ هو پنهنجي سيٽ ۽ فلم جي ٻين شين تي گهري نظر رکندو آهي.
اصل اهو گانو فارسي ۽ اردو جي صوفي شاعر امير خسرو 700 سال پهريان لکي هئي، ان گاني کي ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي پنهنجي انداز م پيش ڪيو هو.
هڪ ڀيرو بسنت پنجمي جي ڏينهن پيلي لباس پهريل ڪجهه ماڻهو گل کڻي مندر طرف وڃي رهيا هئا اهو ڏسو امير خسرو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ماڻهن ٻڌايو ته اڄڪلهه اسان جنهن کي پنهنجو خدا مڃيندا آهيون ان کي خوش ڪرڻ لاءِ پيرن ۾ گل رکڻا پوندا آهن.
اهو ٻڌي امير خسرو چيو هو ته ” گلن جو هڪ دستو مونکي به ڏيو“ ۽ هو گلدستو کڻي نچندي خوشي ۾ پنهنجي استاد نظام الدين وٽ کيس خوش ڪرڻ پهچي ويو، ڇو ته هو پنهنجي ڀائيٽي جي فوتگي تي ڏک ۾ ورتل هو.
امير خسرو نظام الدين کي گلدستو ڏيندي چيو هو ته هتان جا ماڻهو اڄ واري ڏينهن پنهنجي خدا آڏو گل چاڙهيندا آهن ته مان به پنهنجي خدا کي گل چاڙهڻ آيو آهيان.
ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين نظام الدين جي مزار تي بسنت پنجمي تي پيلا گل ۽ پيليون چادرون چڙهايون وينديون آهن، انهن رنگن ۽ گلن کي هيرا منڊي جي گاني ”سڪل بن ۾ به اهميت ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.