پي سي بي جو ڪوچن کانپو پرڏيهي ڪيوريٽر آڻڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پرڏيهي ڪيوريٽر جي مقرريءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پچز ۽ گرائونڊز جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرڏيهي ماهر آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تحت انٽرنيشنل پچز ايڪسپرٽ سان جلد معاهدو طئي ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي خاص دلچسپي سبب انٽرنيشنل پچ ايڪسپرٽ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، فيصلي تحت پي سي بي پرڏيهي ڪيوريٽر جون خدمتون حاصل ڪندو ۽ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڪيوريٽ پچز جي بهتر معيار کي يقيني بڻائيندا جڏهن ته انٽرنيشنل ڪيوريٽر جي ذميواري مقامي ڪيوريٽرز کي تيار ڪرڻ به هوندي.
واضح رهي ته پي سي بي چيف ڪيوريٽر جي ڳولا لاءِ اشتهار ڏنو هو جڏهن هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچز جيان پچز ايڪسپرٽ به پرڏيهي هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.