پاڪستان خلاف سيريز، آئرش رانديگرن بورڊ خلاف بغاوت ڪري ڇڏي

ڊبلن (ويب ڊيسڪ ) آئرش ڪرڪيٽرن پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ بورڊ ( ڪرڪيٽ آئرلينڊ ) طرفان نون سينٽرل ڪانٽريٽس جي آڇ رد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 2024ع جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي آڇ ۾ آءِ سي سي فنڊنگ مارچ ۾ ڪليئر ٿيڻ سبب دير ٿي جنهنڪري آئرش ڪرڪيٽر گذريل سال واري سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت کيڏي رهيا هئا.
پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ آئرش ڪرڪيٽ يونين ( ڪرڪيٽ آئرلينڊ ) نون سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي آڇ ڪئي جيڪا رانديگرن رد ڪري ڇڏي .
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرڪيٽرن معاوضي ۾ واڌ ۽ بين مراعتن جا خواهشمند آهن ۽ آئرش ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن رانديگرن طرفان بورڊ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي.
ڪرڪيٽ آئرلينڊ جا خرچ وڌڻ ۽ فنڊنگ ۾ دير ٿيڻ سبب معاملا رولڙي جو شڪار رهيا پر جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته رانديگرن کي پهرين مارچ کان نوان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ملندا.
ياد رهي ته آئرلينڊ سڀاڻي پاڪستان خلاف ڊبلن ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي، آئرش ٽيم پاڪستان خلاف سيريز کانپوءِ نيڌرلينڊز جو دورو ڪندي ۽ ٽه ملڪي سيريز کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا رواني ٿيندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آئرلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم اڃا تائين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي حوالي سان ڪو جواب ناهي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.