ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، هسارنگا جي قيادت ۾ آءِ لينڊرز جٿي جو اعلان

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024ع لاءِ سريلنڪن اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ سريلنڪن ٽيم جي قيادت ونندو هسارنگا ڪندو جڏهن ته چيراٿ اسالنڪا کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو وي آهي.
ميگا ايونٽ لاءِ آءِ لينڊرز اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهيندڙن ۾ اينجليو ميٿيوز، ڪوشال مينڊس، پيٿُم نسانڪا، ڪمينڊو مينڊس، سديرا سمارا وڪرما ۽ داشن شانڪا شامل آهن.
ان کانسواءِ ڌننجيا ڊي سلوا، مهيش ٿيڪشنا، دُنيٿ ويلالاگي، دُشمانٿا چميرا، نوان ٿوشرا، مٿيشا پٿيرانا ۽ دلشان مڌوشانڪا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پندرنهن رُڪني اسڪواڊ کانسواءِ سريلنڪن ٽيم ۾ چئن رانديگرن کي ٽريلونگ ريزرو طور شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.