ڀنگ ڏيو: ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن معصوم ٻار کي زنجيرن ۾ لڙڪائي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن مغوي ٻار جي وڊيو وائرل ڪري وارثن کان ڀنگ طلب ڪري ورتو.
هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيندڙ معصوم ٻار اياز پٺاڻ جي ڌاڙيلن وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.
وڊيو ۾ ٻارڙو زنجيرن ۾ پڪڙيل نظر اچي رهيو آهي ۽ روئندي چئي رهيو آهي ته منهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڌاڙيلن کي پئسا ڏيو.
ڌاڙيلن طرفان مغوي ٻار جي آزادي لاءِ وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙي جا وارث سخت پريشان آهن.
واضح رهي ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جون وارداتون وڏي عرصي کان جاري آهن ۽ اهي مغوين جون وڊيوز به وائرل ڪري وارثن کان ڀنگ جو مطالبو ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.