واٽس ايپ تي وڊيو ٺاهيندڙ واهپيدارن لاءِ خوشخبري

ڇا اوهان به واٽس ايپ تي وڊيو رڪارڊ ڪندا آهيو، جيڪڏهن ائين آهيو ته اوهان کي اهو ڄاڻي خوشي ٿيندي ته واٽس ايپ انتظاميا وڊيو رڪارڊنگ بابت هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ تي رڪارڊنگ جو عمل آسان ٿي ويندو.
ويب بيٽا انفو جي موجب واٽس ايپ واهپيدار لاءِ هڪ زوم ڪنٽرول فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪو آءِ او ايس 24،9،10،75 اپڊيٽ طور تي ڪيمري جي خصوصيتن کي بهتر بڻايو ويندو.
ايپ جو نئون فيچر سهولت کي بهتر بڻائڻ لاءِ واهپيدارن کي پنهنجي لمحن کي محفوظ ڪرڻ ۽ شيئر ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪندو، ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي نئين اپڊيٽ في الحال بيٽا ٽيسٽرز لاءِ دستياب آهي.
نئين اپڊيٽ ذريعي واهپيدار وڊيو رڪارڊ ڪندي هڪ نئين بٽڻ سان گڏ زوم ليول کي آساني سان تبديل ڪري سگهندا، انکان پهريان واهپيدارن کي هيٺ مٿي ڪندي يا سوئپ ڪري آڱر ڪيمري جي بٽڻ تي رکندي زوم ليول تبديل ڪرڻو پوندو هو.
اهي خصوصيتون ڪيمري جي بٽڻ کي لوڏي بغير زول ليول تي وڌيڪ ڪنٽرول فراهم ڪندي هڪ اهڙو شوٽ وٺڻ ۾ مدد ڏيندا، جنهن سان واهپيدار کي بلڪل ئي اهڙو ئي شوٽ وٺڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اهو چاهيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.