ساڍا چار هزار موبائلون استعمال ڪري لکين ڊالر ڪمائيندڙ شخص گرفتار

چين ۾ جعلسازي ذريعي هزارين موبائلن جو استعمال ڪري فيڪ ويوز ۽ لائيو اسٽريمنگ جي سروسز ڏئي 4 لک 15 هزار ڊالر ڪمائيندڙ شخص کي جيل موڪليو ويو.
خابرو اداري اين ڊي ٽي وي ڏکڻ چائنا مارننگ پوسٽ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ۾ چيو ويو ته وينگ نالي شخص کي غير قانوني طور تي ڪاروبار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سوا سال جيل سان گڏو گڏ 7 هزار ڊالر ڏنڊ به لڳايو ويو آهي.
ڄاڻايل شخص مبينا طور تي لائيو اسٽريمنگ تي جعلي طريقي سان ويوز وڌائڻ لاءِ 4 هزار 600 موبائلن جو استعمال ڪندي چئن مهينن جي ٿوري وقت ۾ 4 لک ڊالر کان وڌيڪ ڪمايا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.