ورغلايل ماڻهن کي شڪ جو فائدو ڏئي ڇڏيو، اصل ڏوهين کي حساب ڏيڻو پوندو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 9 مئي جي ورغلايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏئي چڪا آهيون پر اصل ڏوهي کي حساب ڏيڻ پوندو ۽ ان سان ڪڏهن به ڪا ڊيل نه ٿيندي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو ۽ وطن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي يادگار تي گل نڇاور ڪيا.
آرمي چيف چيو ته دشمن قوتون ۽ انهن جي سرپرست ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپئگنڊا ذريعي ڊجيٽل ٽيررازم ڪري رهيا آهن ۽ فوج ۽ عوام ۾ ڏار پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر قوم جي حمايت سان انهن سڀني قوتن جا اهڙا عزم ناڪام بڻايا ويندا.
هن چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو ڏينهن رهندو، جڏهن ڄاڻي واڻي شرپسندن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندي رياست ۽ قومي اتحاد جي علامتن تي حملو ڪيو، ان جي ڪري پاڪستان دشمنن کي رياست ۽ قوم جو مذاق اڏائڻ جو موقعو مليو، افسوس ته اهي ئي سازشي عنصر رياست کي اهڙين ڪوششن ۾ ملوث ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن ڪارو باب لکيو، انهن سان ڪو سمجهوتو ۽ ڊيل نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي اڳ ئي ورغلايل ماڻهن کي شڪ جو فائدو ڏئي چڪا آهيون پر ان ڪِريل منصوبي جا اصل اڳواڻ جيڪي پاڻ کي معصوم ظاهر ڪندا آهن، هاڻ انهن کي حساب ڏيڻو پوندو، خاص طور تي جڏهن انهن جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.