آءِ ايم ايف قسط ملڻ کانپوءِ ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته آءِ ايم ايف طرفان قسط ملڻ کانپوءِ ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرا 3 مئي تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 1.14 ارب ڊالر وڌيا آهن، ان واڌ کانپوءِ ذخيرا 14 ارب 45 ڪروڙ ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 1.11 ارب ڊالر وڌي 9.12 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 2.86 ڪروڙ ڊالر وڌي 5.33 ارب ڊالر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.