پاڪستاني شاگردن لاءِ سٺي خبر، گوگل وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

سرچ انجڻ گوگل اي آءِ ايسنلشز ڪورس، گوگل ڪيرئير سرٽيفڪيٽ اسڪالر شپس ۽ نون پروگرامن ذريعي پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت جي مهارت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي تعاون کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.
خابرو ادارن موجب گوگل هن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي ته هر شخص اي آءِ کان فائدو حاصل ڪري سگهي، گوگل جو چوڻ آهي ته اسان يقين رکون ٿا ته اهو پروگرام طرف پهريون قدم آهي.
گوگل هڪ نئين ڪورس اي آءِ اسينشلز جي شروعات ڪئي آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي مصنوعي ذهانت جي مهارتن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
2024 گوگل ڪيرئر سرٽيفڪيٽ لاءِ 45000 اسڪالر شپ ڏيندو، گوگل فري لانسرز ۽ عورتن کي هنر مند بڻائڻ لاءَ نوان پروگرام شروع ڪري رهيو آهي.
پاڪستان لاءِ گوگل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرحان قريشي چيو آهي ته گوگل ڪيرئر سرٽيفڪيٽس بابت اهڙي اڳڀرائي جي صورت ۾ اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان جي ڊجيٽل منطر نامي ۾ موثر ڪردار ادا ڪندا رهندا.
هنن چيو ته اسان جي اسڪالر شپس ۽ تربيتي پروگرامن کي نه صرف پاڪستاني نوجوان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر انهن کي مالي طور تي با اختيار بڻائڻ لاءِ به ڪورس ڪرايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.