وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ اسپورٽس گالا 2024 ۾ شاگردن جي ڀرپور شرڪت

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي، صلاحڪاري جي معاملن بابت شاگردن جي اهتمام هيٺ انڊور اسپورٽس گالا 2024 ٿيو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي رجسٽرار ڊاڪٽر ساجد جهانگير شاگردن کي مهارت حاصل ڪري عالمي سطح تي کيڏڻ جي تجويز ڏني ۽ راندين جي مقابلن کي ساراهيو. اردو يونيورسٽي جي ڪيمپس انچارج پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد چيو ته سخت گرمي باوجود ايتري وڏي انگ ۾ شاگردن مقابلن ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي، ڊاڪٽر سعديه خليل وڌيڪ اسپورٽس جا پروگرام ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جنهن ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، فٽبال ۽ ٻيا آئوٽ ڊور پروگرام ڪرايا وڃن، جنهن ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي هوندي، مان پنهنجي ذاتي حيثيت سان کٽيندڙ شاگردن کي انعام ڏيندس.
ان کانسواءِ ٻين استادن به شاگردن کي رانديون کيڏڻ ۽ هاڪاري ڪمن جي ترغيب ڏني.
ڊاڪٽر سعديه خليل ۽ فرزند علي اسپورٽس سوسائٽي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ راندين جا وڌيڪ مقابلا ڪرائڻ جو عزم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.