پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڊبلن ) ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ عالمي ڪپ کان اڳ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه آئرلينڊ جي دوري تي موجود آهي، جتي قومي ٽيم آئرلينڊ خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڪلنٽرف ڪرڪيٽ ڪلب ڊبلن ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 12 جڏهن ته ٽئين آخري ميچ 14 مئي تي ڊبلن ۾ ئي کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٽيم انگلينڊ جو دورو ڪندي جتان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا لاءِ اُڏام ڀريندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.