آءِ فون جو نئون ماڊل ڪهڙو هوندو ۽ ڪڏهن ايندو؟

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪيترن ئي ڪمپنين طرفان سمارٽ فونز تيار ڪيا ويندا آهن، پر واهپيدارن جي نظر ايپل ڪمپني تي هوندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو هر ايندڙ سال ايپل ڪمپني واهپيدارن لاءِ نئون ماڊل لانچ ڪندي آهي، واهپيدار نئين ماڊل جي انتظار ۾ هوندا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ٽيڪنالاجي جي ڪمپني ايپل طرفان ايندڙ سال آءِ فون 17 سيريز متعارف ڪرائي وڃڻ جا امڪان آهن.
رپورٽ موجب هيٽونگ انٽرنيشنل سيڪيورٽيز جي تجربيڪار جيف پي جي هڪ انويسٽر نوٽ ذريعي خبر پئي آهي ته آءِ فون 17 لائن اپ هڪ نئون فيچر ڊيزائن پيش ڪندي ۽ هن ۾ ڊائنامڪ آءِ لينڊ جو ننڍڙو ورجن شامل هوندو.
آءِ فون لائن اپ ۾ معمول موجب ونيلا آءِ فون، پرو ۽ هڪ پرو ميڪس شامل هوندا، پر هڪ آءِ فون سلم (سنهڙو) هوندو، جنهن جو مقصد آءِ فون 17 کي پلس ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.