پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ بدران عالمي ڪپ کٽڻ تي ڌيان آهي: صائم ايوب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر صائم ايوب چيو آهي ته قومي ٽيم ڀارت خلاف ميچ کان وڌيڪ عالمي ڪپ کٽڻ تي فوڪس آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران صائم ايوب چيو ته هو ڄاڻي ٿوته ٽيم جون منجهس ڪهڙيون اميدون آهن، نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ وڏي اننگز نه کيڏڻ جو افسوس ضرور آهي پر اِهو چوڻ ته مون تي دٻا آهي حقيقت ۾ اِها غلط سوچ آهي.
هن چيو ته حقيقت اِها آهي ته قومي ٽيم جو فوڪس ڀارت خلاف ميچ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي آهي، اِها ڳالهه به صحيح آهي ته سموري دنيا جون نظرون نوَ جون تي ميگا ايونٽ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري يعني پاڪ-ڀارت ميچ تي کتل آهن.
سندس چوڻ هوته ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ ايندڙ مقابلن ۾ ضرور ڪاميابي ملندي.
صائم ايوب ” نو لُڪ “ شاٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته اِها شاٽ ڏاڍي جوکائتي آهي، اها شاٽ ايتري سولي ناهي، جنهن بابت باظابطا طور رٿابندي نه ڪئي بس پاڻمرادو اِها شاٽ کيڏڻ سکي ورتي.
آسٽريليا جي دوري بابت هن چيو ته سڊني ٽيسٽ ۾ مچل اسٽارڪ چيو ته اڄ توکي ٻڙيءَ تي آئوٽ ڪندس، جنهن مون کيس چيو ته تون اڄ سلو بالنگ ڪري رهيو آهين، اِها ڳالهه ٻڌي هو تپي باهه ٿي ويو ۽ مون جڏهن کيس ڇڪو هنيو سندس ڪاوڙ اڃا وڌي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.