ناڪاري ڳالهيون ماڻهن جي ذهني صحت خراب ڪري ڇڏينديون آهن:صحيفا جبار

اداڪارا صحيفا جبار خٽڪ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ناڪاري تبصرا اسان تي اثر انداز ٿيندا آهن، توهان جا لفظ اسان کي تڪليف پهچائي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن جو ان تي ڳالهائي به نٿو سگهجي ۽ پوءِ ماڻهو ڪنهن مدد وٺڻ جي قابل به ناهي رهندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ناڪاري ڳالهيون ماڻهو جي ذهني صحت اهڙي ريت خراب ڪري ڇڏينديون آهن جو پوءِ ناڪاري خيالن کان نڪري ناهي سگهبو.
اداڪارا هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ٻڌايو ته 2013 کان مونکي ڪيترائي ڀيرا ڊپريشن جا دورا پيا پر مان انهن کي سمجهي نه سگهندي هيس، ڊپريشن ايترو ته شديد ٿي ويو هو جو صبر نه ٿيو پوءِ ان تي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
واضح رهي ته اداڪارا صحيفا جبار خٽڪ ذهني صحت، منفي ڳالهين سان منهن ڏيڻ ۽ ڊپريشن کان بچاءَ لاءِ سيشن ڪوٺائي ڪري داد وصول ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.