جان ابراهم سان ڇڪتاڻ، دينو موريا خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڀارتي اداڪار دينو موريا خوبصورت اداڪار جان ابراهم سان ڇڪتاڻ جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
دينو موريا بطور ماڊل پنهنجي ڪيرئر جي شروعات ڪئي ۽ بعد ۾ ان کي فلم جي آڇ ٿيڻ لڳي، جنهن دينو موريا سال 1999 ۾ فلم پيار مين ڪڀي ڪڀي کان هالي ووڊ ۾ قدم رکيا.
سال 2002 ۾ دينو موريا هارر فلم ”راز“ ڪئي، جنهن هن کي شهرت ڏياري ۽ زندگي جي محبت به ملي وئي.
بپاشا جو دينو موريا سان بريڪ اپ ۽ جان ابراهم سان تڪرار جون خبرون هلي رهيون آهن، جنهن تي آخرڪار دينو موريا خاموشي ٽوڙي ڇڏي ۽ چيو ته هن جي جان ابراهم سان ڪو جهيڙو ناهي، اهو صرف ماڻهن جي ذهن ۾ خيال آهي.
هن چيو ته اسان ٻئي ڳالهائيندا آهيون ۽ مذاق به ڪندا رهندا آهيون، پر بپاشا باسو سان منهنجي بريڪ اپ ۽ جان ابراهم سان ويجهڙائي کي ڏسي ماڻهن سمجهي ورتو ته اسان ۾ ڪو تڪرار ٿيو پر ائين بلڪل به ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.