9 مئي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي، اسان جي هوندي پاڪستان کي ڪجهه نه ٿيندو: وڏو وزير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نوَ مئي جي پٺيان جي قوم کي ورهائڻ جي ڪهاڻي آهي.
9 مئي سانحي تي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته نوَ مئي تي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته 9 مئي جو واقعو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، واقعي پٺيان قوم کي ورهائڻ جي ڪهاڻي آهي پر جيستائين اسان جيئرا آهيون ملڪ کي ڪجهه نه ٿيندو.
وڏي وزير چيو ته هڪ طرف اڳواڻ قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ٻئي پاسي نوجوانن ذهنن ۾ ملڪ مخالفت جو زهر ڀري رهيا آهن.
هن چيو ته اسان ليڊر به گرفتار ٿيا پر پيپلز پارٽي ڪڏهن به ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو.
وڏي وزير چيو ته شرپسندن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، اسان سڀ شهيدن جا وارث آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته نوَ مئي هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه هئي ورهين کان اِهو سلسلو هلي رهيو هو ۽ مان اِهو سڀ ڪندڙ شخص کان وڌيڪ ان کي ذميوار سمجهان ٿو جنهن اِهو زهر ڀريو، نوَ مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن ملڪ دشمن آهن کين سزا ملڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.