چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ ايف سي مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا آزاد ڪشمير ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا چيني شهرين ۽ بجلي گهرن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ آزاد ڪشمير ۾ فرنٽيئر ڪور ( ايف سي ) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري تي ايف سي جي مقرريءَ جي منظوري ڏني.
ذريعن موجب، آزاد ڪشمير حڪومت طرفان پوليس جي مدد لاءِ ايف سي مقرريءَ جي درخواست ڪئي وئي هئي، ايف سي اهلڪار کي نيلم، جهلم، منگلا ۽ گُل پور بجلي گهرن جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.