ماڻهو مڃيندا ئي ناهن ته مان به اداڪار آهيان:آغا علي

پاڪستاني اداڪارا آغا علي ايوارڊ شو ۾ نه وڃڻ ۽ پنهنجي ڪيرئر دوران صرف هڪ ئي ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي ڳالهايو.
يوٽيوب چينل تي ڏنل انٽرويو دوران آغا علي ٻڌايو ته مان 100 ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان پر ڪيرئر ۾ صرف ايوارڊ مليو آهي.
آغا علي جو چوڻ هو ته انڊسٽري ۾ ڪيترائي ماڻهو مونکي اداڪار ئي ناهن مڃيندا، اهڙا ماڻهو منهنجي واري ۾ اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن، منهنجا ڊراما ريويو ناهي ٿيندا، جنهن سال ۾ منهنجي ڊرامن رڪارڊ ٽوڙ ٽي آر پي حاصل ڪئي ان سال به منهنجي چونڊ نه ڪئي وئي.
هن ٻڌايو ته مان هاڻي تاريون وڃائڻ لاءِ به ايوارڊ شو ۾ ناهيان ويندو پر مونکي انڊسٽري جو وڏو حصو مڃيندو ئي ناهي، 2014ع ۾ منهنجي انڊسٽري ۾ ڪيترائي تڪرار ٿيا جنهن تي مون آواز اٿاريو، هڪ دفعو مان ايوارڊ تقريب به اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.