پي ٽي آءِ پاران ريلي جو اعلان، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو، ريڊ زون سيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪري ريڊ زون سيل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪِ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊي چوڪ جي چوڌاري ڪينٽينرز لڳايا ويا آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب، اسلام آباد ۾ غيرقانوني ريلي يا احتجاج جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.