محمد عامر آئرلينڊ وڃي سگهندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر جي آئرلينڊ جي دوري لاءِ ويزا جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، محمد عامر کي ڪليئرنس ڏيڻ تي ويزا جي منظوري وئي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد عامر کي فوري ڊبلن موڪلڻ جا انتظام ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته ويزا جي منظوري نه ملڻ سبب محمد عامر قومي ٽيم سان گڏ ڊبلن روانو نه ٿي سگهيو هو.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 10 مئي ( سڀاڻي ) کان ڊبلن ۾ شروع ٿيندي، ٻي ميچ 12 مئي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 14 مئي تي ڊبلن ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.