نيتن ياهو جا امڪاني گرفتاري وارنٽ، آمريڪي سينيٽرن عالمي عدالت کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي آمريڪي سينيٽرن ڏوهن جي عالمي عدالت جي چيف پراسيڪيوٽر ڪريم خان کي فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ ملوث اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ٻين اختيارين جا امڪاني گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 12 ريپبلڪن سينيٽرن طرفان آءِ سي سي جي چيف پراسيڪيوٽر ڪريم خان کي لکيل خط ۾ نيتن ياهو سميت اسرائيلي اختارين خلاف وارنٽ جاري ڪرڻ جي صورت ۾ ڏوهن جي عالمي عدالت خلاف پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
ريپبلڪن سينيٽرن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عالمي عدالت نيتن ياهو يا ٻين اسرائيلي اختيارين کي غزا معاملي ۾ ذميوار قرار ڏئي ٿي ته اهو نه رڳو اسرائيل پر آمريڪا جي خود مختياري تي به حملو سمجهيو ويندو.
آمريڪي سينيٽرن طرفان لکيل خط ۾ 12 ريپبلڪن سينيٽرن جون صحيحون موجود آهن.
واضح رهي ته ڏوهن جي عالمي عدالت ۾ غزا ۽ اولهه ڪناري اسرائيلي جارحيت جي جاچ جاري آهي، فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين 34 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، جڏهن ته 78 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
اسرائيل عالمي برادري جي مخالفت باوجود رفح تي حملو ڪري چڪو آهي، عالمي برادري اڳ ئي اسرائيل کي رفح ۾ زميني آپريشن جي صورت ۾ خوفناڪ نتيجن کان خبردار ڪري چڪي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اڳڪٿيون آهن ته ڏوهن جي عالمي عدالت نيتن ياهو سميت اعليٰ اسرائيلي اختيارين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.