عوام کي جهٽڪو، بجلي وڌيڪ مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي.
بجلي جي اگهن ۾ ٻه رپيا 83 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪئي وئي آهي.
واڌ هلندڙ مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي، اها واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.
بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.