”پاڪستان ۾ هر 50 منٽن ۾ هڪ عورت حمل دوران لاڏاڻو ڪري ويندي آهي“

گڏيل قومن جي اداري يو اين ايف پي اي موجب پاڪستان ۾ هر 50 منٽن ۾ هڪ عورت حمل دوران فوت ٿي ويندي آهي.
يوا ين ايف پي اي پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ بهتري نه آندي وئي ته موتن جي شرح ختم ٿيڻ ۾ 122 سال ۽ خانداني منصوبابندي جون ضرورتون پوريون ٿيڻ ۾ وڌيڪ 93 سال لڳي سگهن ٿا.
پاڪستان ۾ يو اين ايف پي اي جي سربراهه ڊاڪٽر لوئي شيبانه موجب ڳڻتي جوڳي حقيقت اها آهي ته پاڪستان جون ڪيتريون ئي عورتون اڄ به حمل سميت ٻين ضروري صحت جي خدمتن تائين پهچ کان پري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.