ڪراچي، ڍاڪا ۽ ٻين ساحلي شهرن جو وجود خطري ۾ آهي: ماهر

ڪراچي: (پ ر) نامور ماحولياتي صحافي شيما صديقيءَ چيو آهي ته سمنڊ جي سطح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن ڪري مستقبل ۾ اسان جا ساحلي علائقا، ڪراچي، ڍاڪا ۽ ٻيا پنهنجو وجود مِٽائي ويهي رهندا.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي انوائرمينٽل سائنسز شعبي پاران اسٽوڊنٽ افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ جي سهڪار سان پلاسٽڪ ۽ ماحولياتي چئلينجز جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته، سمنڊ جو پائڻ اسان جي زرعي زمينن ۽ انساني زندگين لاءِ وڏو خطرو آهي. سمنڊ جي سطح وڌڻ سان انڊس ڊيلٽا پڻ ختم ٿي رهي آهي، تنهنڪري اسان کي ماحول کي پائيدار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. عالمي آرگنائيزيشنس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته 3.3 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو سمنڊن ۾ وڃي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2050ع تائين سمنڊن ۾ ڪا به مڇي نه رهندي ۽ رڳو پلاسٽڪ وارا سمنڊ هوندا.

محترمه صديقيءَ وڌيڪ چيو ته پلاسٽڪ جا کاڌي جا ٿانوَ انساني زندگين ۽ پلاسٽڪ جون ٻيون شيون سامونڊي جيوت لاءِ وڏو خطرو آهن، ان ڪري اسان کي گهرجي ته پلاسٽڪ بدران اسٽيل ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ استعمال ڪيون، جيڪي اڳ ۾ اسان جا ماڻهو استعمال ڪندا هئا. هن چيو ته کاڌي پيتي ۾ پلاسٽڪ جي ٿانوَن جي استعمال سان ڪينسر، ٽي بي ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته پلاسٽڪ جي ٿانونَ جا ذرا اسان جي کاڌي پيتي ۾ ملي وڃڻ ڪري اسان جي صحت کي نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي به ساڳي صورتحال آهي.

شيما صديقي جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين خاص ڪري ڪووڊ 19 کانپوءِ چارئي موسمون پاڻ ۾ ملائي ڇڏيون آهن، هاڻ سردين جي موسم اپريل تائين رهي ٿي ۽ هن سال ته بهار ڄڻ ته آيو ئي ڪونه. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اڳواٽ برساتن جو پوڻ وڏي موسمياتي تبديلي جي نشاني آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ هن سال سنڌ، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اپريل جي مهيني ۾ برساتون پيون. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چترال ۾ برفباري به ٿي هئي، تنهن ڪري اهي برساتون ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن تي خراب اثر وجهي رهيون آهن.

محترمه صديقي چيو ته موسمياتي تبديلي سبب اسان جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماحولياتي نظام، زرعي زمينن ۽ زندگي گذارڻ جي طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان فطرت کان پري ٿي ويا آهيون ۽ ان جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جي آبادگارن جي اڪثريت زرعي زمينن ۾ ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪري رهي آهي، جنهن سبب به صحت ۽ ماحولياتي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

شيما صديقي چيو ته اسان پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ وڏيون ٻوڏون به ڏٺيون آهن، جيڪي فوڊ سيڪيورٽي کي متاثر ڪري رهيون آهن. هن تجويز ڏني ته اسان کي ماحول دوست شين ڏانهن موٽڻ گهرجي ۽ پلاسٽڪ جي ٿانوَن جو استعمال ڇڏڻ گهرجي، جيڪي اسان جي زندگين کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن آخر ۾ چيو ته جيڪڏهن اسان ڌرتيءَ ۽ انساني زندگين کي بچائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ماڻهن ۾ ماحوليات بابت آگاهي ڦهلائڻ گهرجي.

ان کان اڳ ماحوليات جي شعبي جي انچارج چيئرپرسن ڊاڪٽر حنا شهناز مهمان کي ڀليڪار ڪيو. هن سيمينار جي ڪارروائي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ماحوليات جي شعبي جي ليڪچرار خالد حسن هلائي. سيمينار ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.