ڀارت جا خواب ڀورا ڀورا ڪندڙ ڪمنز، جنهن مسلمان رانديگر لاءِ شراب پارٽي روڪرائي ڇڏي

ڪي بودهيراج

”مون احمد آباد اسٽيڊيم۾ موجود لکين تماشائين کي خاموش ڪرائي مطمئن محسوس ڪيو“ اِهي لفظ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز ڀارت کي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ چيا هئا، سندس لفظن کي احساس برتري جو اظهار قرار نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته ڪمنز هڪ عام آسٽريلوي ڪپتان نه آهي.
آسٽريليا کي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڇهون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ پيٽرڪ جيمز ڪمنز اڄ پنهنجي 31 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
مارڪ ٽيلر، ايلن بارڊر، اسٽيووا، رڪي پونٽنگ ۽ مائيڪل ڪلارڪ جهڙن ڪپتانن کي سال 1990 کان 2000ع جي ڏهاڪي دوران مخالف ٽيمن جي رانديگرن جي ذهنن سان به کيڏڻ جو فن ايندو هو.
مٿي ڄاڻايل ڪپتان مخالفن جو ڌيان ڀٽڪائڻ لاءِ ڪنهن مخصوص رانديگر تي جملي بازي يا وري اِن فارم بيٽر کي نشانو بڻائيندا هئا، پر ڪمنز انهن سڀني کان مختلف آهي.
ڪمنز مختلف ڪيئن آهي؟ ان سوال جو جواب ڪجهه هن ريت آهي ته هو ٻين کان مختلف ڪپتان انڪري آهي جو هو مخالفن تي جملي بازي ۾ وقت وڃائڻ بدران ميچ کٽڻ تي يقين رکي ٿو.
ان کانسواءِ پيٽ ڪمنز خلاف هنيئر تائين ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اهڙي ڪا به شڪايت سامهون ناهي آئي.
رڪي پونٽنگ 2007ع واري عالمي ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيمي فائنل کان اڳ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هوته ” جيڪيلس بهترين رانديگر آهي ۽ سندس رڪارڊ به زبردست آهي پر هو اسان جي خلاف ڪجهه نه ڪري سگهندو، جيڪڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪامياب رهي ته ڪيلس کي شڪست ڏينداسين. “
پونٽنگ ته اڪثر مخالف رانديگرن کي هيٺائون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر ڪمنز ڪڏهن به ڪنهن مخالف ٽيم جي رانديگرن بابت اهڙا لفظ استعمال ناهن ڪيا جنهن مان اِهو تاثر ملي ته هو ڪنهن جي بعزتي ڪري رهيو آهي.
احمد آباد جي نريندرمودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 19 نومبر جي ڏينهن ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل مقابلي جي شروع وارن 15 اوورن تائين ڪمنز پنهنجي روايتي ڪپتاني جو مظاهرو ڪيو پر جڏهن ته ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول جي ڀائيواري ٽٽي تي ڪمنز اوچتو جوش ۾ اچي ويو پر ان کان اڳ انتهائي سنجيندا نموني ٽيم کي ليڊ ڪندو رهيو.
جڏهن فائنل ۾ ڀارتي بيٽر آئوٽ ٿيندا پئي ويا تڏهن به ڪمنز سندن وٽان گذرندي چهري سان به ڪو ناڪاري تاثر نه ڏنو.
ڪمنز ” حادثاتي“ طور آسٽريليا جو ڪپتان بڻيو هو، کيس هڪ تڪرار جي ورچڙهيل ٽِم پين جي جاءِ ڪينگروز جي قيادت سونپي وئي هئي ان کانپوءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ آسٽريليا کي فاتح بڻايو.
جنهن وقت هن کي ڪپتان بڻايو ويو ته ان وقت تائين هن رڳو چئن ون ڊي ميچن ۾ ئي ٽيم جي قيادت ڪئي هئي.
ڪمنز 2011ع ۾ 18 ورهين جي عمر آسٽريلوي ٽيم جو حصو بڻيو، سندس ساڄي هٿ جي وچين آڱر ننڍپڻ ۾ دروازي ۾ ڦاسي پوڻ سبب ضائع ٿي وئي هئي پر ان باوجود هن ساڄي هٿ سان ئي بالنگ جاري رکي ۽ تيز ترين بالر بڻجي ڏيکاريو.
هو دٻاءُ واري صورتحال ۾ به ميدان تي پرسڪون نظر ايندو آهي ۽ خوشيءَ تي ظابطو رکڻ به ڄاڻي ٿو، سندس جواب گهڻي قدر سندس مُرڪ ئي هوندي آهي.
ڪمنز رڳو سٺو بالر، بهترين ڪپتان ئي نه پر زبردست بيٽر پڻ آهي ۽ اِهو هن ڪيئي موقعن تي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ايشز سيريز دوران پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 281 رنسن گهربل هيون ۽ آسٽريليا 221 رنسن تي اٺ وڪيٽون وڃائي چڪي هئي جڏهن ته ڪمنز ميدان ۾ آيو ۽ ناٽ آئوٽ 44 رنسن ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
افغانستان خلاف ورلڊ ڪپ ميچ دوران ڪمنز ميڪسويل سان ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ 68 بال کيڏندي رڳو 12 رنسون اسڪور ڪيو پر آئوٽ نه ٿيو.
جيڪڏهن آسٽريليوي ٽيم اِها ميچ هارائي وڃي ها ته سندس فائنل تائين پهچڻ ڏکيو ٿي وڃي ها، هڪ ڪپتان طور ڪمنز ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي ۾ هو اهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري جو ٽيم ڪاميابي ماڻي.
ڪمنز ڪپتان ملڻ کانپوءِ پاڻ کي ٻين آسٽريلوي ڪپتانن کان مختلف ثابت ڪري ڏيکاريو، هو هر وقت ميدان تي مسڪرائيندو نظر ايندو آهي.
ڪمنز ڪنهن به ميچ ۾ شڪست کانپوءِ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي دفاع لاءِ به مشهور آهي، هو چوندو آهي ته ڪپتان طور شڪست جي ذميواري هو ساٿين بدران پنهنجي سِر تي کڻي ٿو.
ان کانسواءِ هو پنهنجي ساٿي رانديگرن جي جذبن جو احترام پڻ ڪندو آهي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کٽڻ کانپوءِ جڏهن آسٽريلوي ٽيم شراب سان گڏ جشن ملهائڻ چاهيو ته ٽيم ۾ شامل مسلمان رانديگر عثمان خاجه پنهنجي مذهبي عقيدي سبب جشن ۾ حصو نه ورتو.
جڏهن ڪمنز اِهو لڪاءُ ڏٺو ته هن پنهنجي ساٿي رانديگرن کي شراب سان گڏ جشن ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو ، ڪمنز جي اهڙي عمل سبب سڀني جي دلين ۾ سندس لاءِ عزت ۽ احترام وڌي ويو.
ڪمنز جي صلاحيت گذريل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ نروار ٿي سامهون آئي، پيٽ ٽيم مئنيجمينٽ سان گڏجي ڀارتي ٽيم جي هر رانديگر لاءِ ڌار ڌار حڪمت عملي جوڙي، هن پاڻ کي هڪ عظيم ڪپتان ثابت ڪيو، ڇو ته سندس خيال آهي ته صرف حڪمت عملي جوڙڻ اهم ناهي پر ميدان ۾ ان پلاننگ تحت مڪمل طور اڳتي وڌڻ ۽ ڪپ کٽڻ اهم آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلياجي قيادت ڪندڙ رڪي پونٽنگ، اسٽيو وا، مارڪ ٽيلر ۽ مائيڪل ڪلارڪ جهڙا اڳوڻا ڪپتان تجربي سان ڀرپور هئا پر ڪمنز اڪيلو ڪپتان آهي جنهن گهٽ تجربو واري آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪئي ۽ ٽرافي کٽي.
ڪمنز جو اِهو بيان ته هن هڪ لک تماشائين کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، ذهين ترين ڪپتاني جي عڪاسي آهي، اسان کي ڪمنز جي ڳالهه کي غلط نه سمجهڻ گهرجي، آسٽريليا فطري طور راندين جو ملڪ، اتان جا رانديگر فطري طور تي پنهنجي مخالفن سان اهڙي نموني مخاطب ٿيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.