قومي ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڊبلن پهچي وئي

آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊبلن پهچي وئي.
ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊبلن ۾ اڄ آرام ڪندي جڏهن ته پاڪستان ٽيم جو پهريون ٽريننگ سيشن 9 مئي جو شيڊول آهي.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز 10،12، ۽ 14 مئي تي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي.
آئرلينڊ جو دورو ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي پهچندي.
قومي ٽيم انگلينڊ خلاف چار ٽي ٽوئنٽي ميچز 22 کان 30 مئي تائين کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.