آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊبلن پهچي وئي.
ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊبلن ۾ اڄ آرام ڪندي جڏهن ته پاڪستان ٽيم جو پهريون ٽريننگ سيشن 9 مئي جو شيڊول آهي.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز 10،12، ۽ 14 مئي تي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي.
آئرلينڊ جو دورو ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي پهچندي.
قومي ٽيم انگلينڊ خلاف چار ٽي ٽوئنٽي ميچز 22 کان 30 مئي تائين کيڏيون وينديون.