فحش فلمن جي اداڪارا جو ڊونلڊ ٽرمپ سان جنسي تعلق جو اعتراف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان جنسي تعلق جي عدالت ۾ تصديق ڪري ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا موجب جج، ڊونلڊ ٽرمپ جي وڪيل طرفان عدالتي ڪارروائي بي بنياد قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ اداڪارا کي مڪمل واقعو ٻڌائڻ جي اجازت ڏني.
ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام آهي ته هن اسٽارمي ڊينيئلز کي هڪ لک 30 هزار ڊالر ڏنا هئا ته هوءَ جنسي تعلق تي خاموش رهي.
آمريڪا جي اڳوڻي صدر، اسٽارمي سان جنسي تعلق جي ترديد ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.