آءِ پي ايل ۾ نه کيڏائڻ تي ڪيوي رانديگر مايوس

نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر مچل سينٽنر آءِ پي ايل ۾ موقعو نه ملڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
مچل سينٽنر 2018 کان آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز سان گڏ آهي، هينئر تائين هو صرف 16 ميچون کيڏي سگهيو آهي.
هلندڙ سيزن ۾ مچل سينٽنر کي صرف هڪ ميچ کيڏايو ويو آهي، ڪيوي ڪرڪٽر ٻاهر ويهڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ پي ايل جي ڪري پاڪستان جو دورو ڇڏي ڏيندڙ هونئن ته ڪيترائي ڪيويز رانديگر بئنچ تي ويٺل آهن پر انهن مان سنٽنر ئي آهي جنهن آءِ پي ايل ۾ موقعو نه ملڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو.
چنائي سپر ڪنگز جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ هر وقت کيڏڻ چيلينج هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهو مايوس ڪندڙ به هوندو آهي پر فوڪس رهڻ جي ڪوشش هوندي آهي.
مچل ٻڌايو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٻين رانديگرن جي مدد ڪيان پر جڏهن ڪنهن کي موقعو ملي ته ٽيم لاءِ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.