سنڌ حڪومت في مڻ ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪري ڇڏي، 9 لک ٽن خريدڻ جو فيصلو

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 9 لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ نئين قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي.
نواب شاهه جي مقامي هال ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هي صوبائي بجيٽ جي تياري جو وقت آهي، چاهيان ٿو ته سمورا ڪارڪن صوبائي سطح جي اسڪيم تي تجويزون ڏين.
هن چيو ته گذريل سال 11 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي ۽ 4 لک ٽن ڪڻڪ اسان جي گودامن ۾ پئي هئي، اسان پنهنجي ضرورت موجب 9 لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين قيمت 4 هزار رپيا مڻ مقرر ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته بدقمستي سان نگران دور ۾ وڏي مقدار ۾ ڪنڪ درآمد ڪئي وئي، جيڪا نه ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ حڪومت 4 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري ڪئي آهي ۽ بدعنواني تي 4 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولز کي معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.