اي سي سي پاران پاسڪو لاءِ ڪڻڪ خريداري جو هدف 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاسڪو لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 مان وڌائي 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اقتصادي معاملن وارو وزير احد چيما ۽ ايم ڊي پاسڪو به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف وڌائڻ ۽ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ گهربل ڪيش ڪريڊٽ جي حد وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائيءَ موجب 2024 جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻه لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي صورتحال جو مسلسل جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.