” هڪ ٻئي لاءِ بهتر آهيو“مايا ۽ عثمان خالد کي شادي جون صلاحون ملڻ لڳيون

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي آن اسڪرين جوڙي اداڪارا مايا علي ۽ اداڪار عثمان خالد بٽ کي شادي جون صلاحون ملڻ لڳيون.
هڪ وقت اهڙو هو جڏهن مايا علي ۽ عثمان خالد بٽ جي آن اسڪرين جوڙي جا چرچا هوندا هئا، هنن ڪيتريون ئي سيريز گڏجي ڪيون جن ۾ ايڪ نئين سنڊريلا،عون زارا،ديار دل ۽ صنم شامل آهن.
مايا علي ۽ عٽمان جي ڪيمسٽري نه صرف ڊرامن ۾ تعريف جي لائق آهي پر پرستار انهن کي گڏ ڏسي خوش ٿيندا آهن.
اهڙو ئي ڪجهه تازو فوٽو شوٽ منظر تي آيو ته سوشل ميڊيا واهپيدارن مايا خان ۽ عثمان کي شادي ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون.
انسٽاگرام تي مايا علي ۽ عثمان خالد بٽ جو وڊيو فوٽو شوٽ وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مايا علي کي پنهنجي مشهور ڪپڙن جي برانڊ مايا پريس جو خوبصورت وڳو پاتل آهي.
دلڪش ۽ خوبصورت فوٽو شوٽ وائرل ٿيڻ بعد واهپيدارن ٻنهي ڄڻن کي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
واهپيدارن جو چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي مايا علي ۽ عثمان خان کي شادي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.