آءِ بي اي ڪراچي ۽ ڪنيڪٽ هيئر جي سهڪار سان معذور شاگردن لاءِ تقريب

ڪراچي (پ ر) آءِ بي اي ڪراچي ۽ ڪنيڪٽ هيئر جي سهڪار سان معذور شاگردن لاءِ تقريب هو اهتمام ڪيو ويو.
انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ۾ آفيس آف اسٽوڊنٽس افيئرس (OSA) جي نگراني هيٺ (ODAI) ۽ ڪنيڪٽ هيئر جي گڏيل سهڪار سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، آءِ بي اي جي مين ڪيمپس ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ڪيريئر فيئر، معذورن جي خاص ضرورتن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيمپس ۾ شموليت ۽ پهچ کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.
ڪنيڪٽ هيئر هڪ سماجي ادارو آهي، جنهن جي اڳواڻي نوجوان ڪري رهيا آهن، ادارو پاڪستان ۾ ٻولين جي اهميت ۽ ٻوڙن ماڻهن کي پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڪم ڪري رهيو آهي، اداري جو مقصد خاص ماڻهن جي تعليمي ۽ ذاتي ڪاميابي کي فعال ڪرڻ لاءِ سکيا ۽ شموليت لاءِ خدمتون فراهم ڪندي معذورن ۽ شاگردن کي خاص ضرورتن ۾ مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
اداري ڪنيڪٽ هيئر جي سهڪار سان ايونٽ جي ميزباني ڪري ٻين يونيورسٽين جي شاگردن جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ دروازا کولي ڇڏيا آهن، تقريب ۾ 33 تنظيمن ۽ ست سو سماجي ادارن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو ته جيئن هڪ مددگار ماحول ۾ ڪيريئر جا موقعا ڳولي سگهجن.
ڪيترن ئي معزز مهمانن مختلف اشوز تي ڳالهائيندي پاڪستان ۾ پيش ايندڙ چيلنجز تي شعوري ليچر ڏنا ۽ ماحولياتي نظام ۾وڌيڪ بهتر ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
ڪنيڪٽ هيئر جي سي اي او ۽ باني عظيمه ڌانجي ۽ ڪو باني ارحم اشتياق مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪري آخر ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
ارحم اشتياق چيو ته ست سال اڳ هنن هڪ مشن شروع ڪيو ته جيئن هر ڪنهن جي قابليت کي پرکڻ سان گڏ هر ڪنهن لاءِ پهچ جي جاءِ ٺاهي سگهجي.
هن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي معذورن ۽ شاگردن لاءِ وڌيڪ گڏيل ۽ بهتر مستقبل لاءِ زور ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
پاڪستان جي اڳوڻي خاتون اول ۽ مهمان خاص ثمينه علوي ڪنيڪٽ هيئر ۽ چارٽر جي ڪم کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم سماجي چئلينج قرار ڏيندي پنهنجا ويچار ونڊيا.
هُن ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ادارن جي صحيح شموليت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش کي ساراهيو، هن اهو پڻ ٻڌايو ته سڀ کان وڏي پاليسي ۾ تبديلي لاڳو ڪئي وئي، اها 5 سيڪڙو ڪوٽا نجي ۽ سرڪاري شعبن ۾ معذور ماڻهن لاءِ هئي.
اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ پاڪستان جي هيومن ريسورسز جي هيڊ محمد عمر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي پنهنجي نقطه نظر کي تبديل ڪرڻ گهرجي ته اسان ڇا ڪري سگهون ٿا ۽ ڇا نٿا ڪري سگهون، اڄ اسان هتي آهيون، اسان کي سماج ۾ معذورن جي هڪ جهڙي اهميت ۽ برابر موقعن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، جيئن هر فرد مختلف صلاحيتون ڏيکاري پنهنجا خواب پورا ڪري سگهي، تنظيمون هڪ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ۽ لازمي طور تي ادا ڪرڻ گهرجي.
آءِ بي اي جي ڊين اسٽوڊنٽ افيئر ماهين غوري چيو ته آءِ بي اي هميشه شاگردن ۽ عملي کي سهولت ڏني آهي، جيڪي مختلف طور تي قابل هوندا آهن، هر هڪ ۾ پنهنجون الڳ صلاحيتون آهن.
تقريب ۾”پاڪستان ۾ معذور ماڻهن لاءِ نوڪريون: هاڻ ڇا ٿي رهيو آهي“ تي هڪ پينل بحث پڻ پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.