نيپرا بجلي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي في يونٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 30 پئسا واڌ ڪري ڇڏي.

نيپرا پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهه ۾ واڌ نومبر مهيني  جي  فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.

نيپرا جي پڌرائي موجب واڌو وصوليون جنوري جي بلن ۾ ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن تي  نئون اگهه لاڳو نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.