ٿر جي آبادگارن جو روينيو عملدارن خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل)حڪومت طرفان 16 ايڪڙ کان گھٽ زمين رکندڙ آبادگارن کي گذريل سال ووئڻن ۽ موجوده ڪڻڪ جي فصل تي ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ ملندڙ سبسڊي روينيو عملي فارم  جا اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آباد گار رولڙن جو شڪار ان سلسلي ۾ ٿرپارڪر جي بئراجي يوسي ڀٽارو يوسي مهراڻو جي ننڍن آبادگارن سيد علي اڪبر شاهه سرمد لاشاري جلال چانڊيو ميڊيا سينٽر نئون ڪوٽ پهچي دانهيندي چيو ته روينيو عملي جا ايجنٽ 1000کان 2000 ايڊوانس پئسن وٺڻ بعد فارن ڏين ٿا ايڊوانس رشوت جي رقم ن ڏيندڙ آبادگارن کي فارم ئي نٿو ملي ۽ حڪومت طرفان مليل سبسڊي کان محروم آھيون هنن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ت مختيار سميت ڪرپٽ روينيو عملي جي ڪرپشن  جو نوٽيس وٺي 16 ايڪڙ کان ننڍن کاتيدارن کي فورن ڀاڻ ۽ ٻج جي مد ۾ ملندڙ سبسڊي ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.