بنا ثبوت شريف فيملي تي ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو: بشير ميمڻ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته مون کي بنا ثبوت شريف فيملي ميمبرن تي ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو.

لاهور جي سيشن عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته اهو ڪيس منهنجي سامهون آيو هو، مون کي به چيو ويو هو، شهباز شريف جو فائل ڏسي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مني لانڊرنگ ڪيس نٿو ٺهي.

هن چيو ته شهباز شريف تي جنهن عرب شيخ کي فائدو ڏيڻ جو الزام هنيو ويو، اهو هاڻ وزيراعظم سان ملڻ وڃي رهيو آهي، ان جون ڪيترن ئي وزيرن سان تصويرون به آهن، پي ٽي آءِ جا ٽرولز پگهارون وٺي ماڻهن جا پٽڪا لاهيندا آهن.

بشير ميمڻ ايف آءِ اي اختيارين کي اپيل ڪئي ته اهي اداري جي ساک کي نقصان نه پهچائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.