فيض گنج مان کنڀيل غلام عمر شر کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت تعلقه فيض گنج جي ڳوٺ علي نواز شر جي رهواسي غلام  مصطفيٰ شر جي داخل ڪرائيل درخواست تي ڪاروائي ڪندي ڊي ايس پي ميرواهه فدا حسين اعواڻ، فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير احمد ڀيو ۽ اي ايس آءِ الاهي بخش شر خلاف نوٽيس جاري ڪندي 8 جنوري 2022 تي کنڀيل غلام عمر شر سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ غلام مصطفيٰ شر طرفان درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته پوليس آفيسرن سندس جي ڀاءُ غلام عمر شر کي 8 جنوري تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.