خيرپور ڀرسان سم نالو اٿلي پيو، ڳوٺ ٻڏي ويا، ڳوٺاڻا جنازو پاڻي مان گذارڻ تي مجبور

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ويجهو ٽنڊومستي ۾  اسڪارپ جو سم نالو اوور ٽاپ ٿيڻ سبب چار ڳوٺ ٻُڏي پاڻي هيٺ اچي ويا علائقي واسين جو اسڪارپ عملي خلاف ڊي سي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو احتجاج جي اڳواڻي رئيس غلام قادر چانڊيو آدم خان چانڊيو علي مراد جلباڻي عنايت علي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا اڳواڻ چيو ته ڊي سي آفيس آڏو گهر بچايو، ڳوٺ بچايو، فصل بچايو“ سميت ٻيا نعرا هنيا مظاھرين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي اسان جنازا به گندي پاڙي مان  کڻي وڃون ٿا سم نالو اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري علائقي جي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي جنهن ڪري اسان جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويا آهن ۽ اسان جا فصل پڻ تباه ٿي چڪا آهن هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سروي ڪرائي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اسڪارپ پروجيڪٽ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.