پڊعيدن شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، ڳوٺاڻا راتيون جاڳڻ تي مجبور، احتجاج

پڊعيدن ( ن ع آ )  پڊعيدن شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ ڪري عوامي تحريڪ  پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, اڳواڻن عبدالسلام سومرو عبدالغفار ڪلهوڙو, عزيزالله ڪلهوڙو, محمد هارون ڪلهوڙو، احسان ابوپوٽو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي, اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته سموري علائقي ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل آھي ڪا به رات چوري ۽ ڦر جي وارڌات کان خالي ناهي پڊعيدن جا شھري توڙي ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن، پر انتظاميا ڪو به ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ شھر مان ٿيل صحافين جي چورين ڦرن سميت ٻين وارڌاتن جي به جاچ ڪرڻ لاءِ به تيار نه آھي اهڙي پوليس جي ماٺ مان معلوم ٿئي ٿو ته انتظاميا چورن جي ساٿاري بڻيل آھي، احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پڊعيدن ٿاڻي جي نااهل عملي کي تبديل ڪري ۽ ايماندار عملو مقرر ڪري شھرين کي چوريون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.