جوهي ۾بدامني، صحت کاتي ملازم کان موٽر سائيڪل ڦر، ڌرڻو

جوهي (  ن ع  آ ) ٻه ڏينهن اڳ  بي ايڇ يو ڪمال خان سينٽر جي ملازم وئڪسينٽر هدايت الله لنڊ کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل جي واپسي وڌندڙ بد امني ۽ جوهي پوليس خلاف پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊاڪٽرن وئڪسينيٽرن ۽ ٻين  تعلقه اسپتال صحت کاتي جوهي جي ملازمن  ايم ايس ڊاڪٽر زبير احمد پنهور ،هدايت الله لنڊ،  قاضي مظھر ، امتياز آلکاڻي محمد اسلم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري تعلقه اسپتال جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقع تي احتجاج ڪندڙ ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو ته ٽي ڏينهن اڳ وئڪسينيٽر هدايت الله, لنڊ کان جوهي دادو روڊ تي ٽن ڦورن هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل موبائل پئسه ڦر ڪري فرار ٿي ويا مگر جوهي پوليس اڃاتائين ڪک ڀڃي ٻيڻوناهي ڪيو ايس ايڇ او جوهي گورک تي تفريح ڪرڻ ۾ پورو آھي ٿاڻو ڏوهاري ماڻھو هلائي رهيا آھن. ھنن آءِ جي سنڌ،  ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل، موبائل، پئسا ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي بد امني تي ضابطو آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.