اداڪار شان، عامر خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار شان شاهد بالي ووڊ  جي سپر هٽ فلم ”گجني“ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

شان شاهد نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻڌايو ته کيس بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم ”گجني“ ۾ هڪ ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي.

اداڪار چيو ته مون کي جيڪو ڪردار هن فلم ۾ ڏنو پئي ويو اُهو هڪ ولن جو هو، جيڪو بالي ووڊ انڊسٽري جو  ڪو به اداڪار ڪري سگهيو ٿي، مون کي اهو ڪردار بلڪل نه وڻيو، ڇو ته ان ڪردار کي ٻارڙن جا عضوا وڪرو ڪندي ڏيکاريو وڃي ها.

هن ٻڌايو ته مون فلم ٺاهيندڙن سميت عامر خان کي به ان ڪردار جي لاءِ روڪيو ۽ هڪ سوال پُڇيو ته اوهان کي هن ڪردار جي لاءِ هڪ پاڪستاني جي ضرورت ڇو آهي؟ جنهن تي هنن چيو ته ڪو به نه سڃاڻي سگهندو ته اوهان پاڪستاني آهيو.

شان شاهد چيو ته هنن جي  ان ڳالهه تي مون چيو ته ضرور  خبر پوندي، منهنجي گهڻي انڪار ڪرڻ تي جڏهن هو راضي نه ٿيا ته مون پنجابي ۾ عامر خان کي هڪ ڳالهه چئي ته جيڪڏهن اوهان ڀارت جا پهلوان آهيو ته آئون پاڪستان جو پهلوان آهيان، پئسا وٺي ملهه نه هارائيندس.

اداڪار وڌيڪ چيو ته هن ڪردار کان ان ڪري انڪار ڪيو ته هي اهڙو ڪردار نه هو، جيڪو ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن پاڪستاني کي ڀارت گهرايو وڃي، فلم گجني ۾ ولن جي ڪردار جي لاءِ مون عامر خان کي پاڪستاني اداڪار نيئر اعجاز کي کڻڻ جي آڇ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.