لطف لطيف تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي: خالد چانڊيو

ڏوڪري (ت ر ) سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي فقير لطف پيرزادي جي 69 هين سالگرهه، ٻلهڙيجي ۾تقريب، ڀٽائي جي بيتن ۽ ڪلامن سان ڀيٽا پيش، مقررن جو چوڻ هو ته لطف جيترو وڏو ماڻهو هو اوتري ئي منجهس سادگي هئي، سندس سادگي ئي هن جو حسن هو، تفصيل موجب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي ٻلهڙيجي ۾اقرار پيرزادي جي ميزباني هيٺ تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب جي صدارت استاد خالد چانڊيو ڪئي جڏهن ته خاص مهمان ڌڻي بخش بروهي هو، تقريب جا اعزازي مهمان حفيظ پيرزادو، ثناءُ الله جکڙ، علي حيدر کهڙو، منصور سولنگي، سيٺ قاسم پيرزادو، مقبول پيرزادو، ڪامريڊ مجيب پيرزادو ۽ فراز پيرزادو هئا، ان موقعي تي مهمانن کانسواءِ الله وسايو سولنگي، علي مردان پيرزادو، ملهار پيرزادو، اظهار پيرزادو ۽ ٻين لطف پيرزادو کي ڀٽائي جي بيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته علي حيدر کهڙو ۽ اظهار پيرزادو ڪلام ڳائي محفل کي مچايو، ان موقعي تي لطف پيرزادي جو ننڍو فرزند شعور پيرزادو مهمانن جي خدمت ۾پيش پيش رهيو، تقريب کي خطاب ڪندي استاد خالد چانڊيو، ڌڻي بخش بروهي، اقرار پيرزادو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته لطف پيرزادو جيترو وڏو ماڻهو هو، اوتري ئي هن ۾سادگي هئي، سندس سادگي ئي هن جو حسن هيو، هنن چيو ته لطف لطيف تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي،  ڪتاب ” نت نت آهه نئون “ لطيفيات بابت اهم حيثيت رکي ٿو، هنن چيو ته لطف پيرزادي جي لکڻين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾آندو وڃي. تقريب ۾دانش پيرزادو، مهراڻ پيرزادو، اڪرام پيرزادو، دانيال پيرزادو، ساجد شاهه، ماجد شاهه، اسرار پيرزادو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.