سائين جي ايم سيد جي سالگرهه، ايس يو پي پاران شيڊول پڌرو

ڄامشورو ( پ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران جديد قومپرستي جي باني ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي  سن ۾ ٿيندڙ 118 سالگرہ تقريبات جو شيڊول پڌرو ڪجي ٿو، جنهن مطابق 16 جنوري 2022 تي شام جو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي قيادت    سيد جلال محمود شاھ جي اڳواڻي ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙي تقريبات جي شروعات ڪندي. ان کان بعد شام 4 وڳي سائين جي ايم سيد جي درياه واري بنگلي تي صوفي راڳ جي محفل ٿيندي جيڪا پره ڦٽي تائين جاري رهندي. ان وچم رات 12 وڳي مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي جيڪا سن شهر مان ٿيندي سائين جي ايم سيد جي مزار آڏو اختتام پذیر ٿيندي.  ٻئي ڏينهن 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري کان پوءِ  منجهند 12 وڳي کان پوءِ جلسہ گرائوند سن ۾ سياسي جلسي جي شروعات ڪئي ويندي، ڪيڪ ڪٽڻ کان پوءِ  سنڌ جي قومپرست قيادت سميت بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختون خواہ جي سياسي قيادت جلسي کي خطاب ڪري سائين جي ايم سيد جي جدوجهد، فڪر ۽ زندگي تي روشني وجهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.