موري ڀرسان پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، وارثن جي ملڪيت ضبط

مورو (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي)موري ڀرسان ڳوٺ خالق ڏنو چنڊ ۾ پريمي جوڙي جي ڀيڻ آمنا چنڊ جو ظلم ۽ زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، بااثر رمضان چنڊ، جرڳائي فيصلو ڪري ڀاءُ فياض چنڊ ۽ سندس گھر واري  جميلان چنڊ،کي ڪارو،ڪاري قرار ڏئي فتوا جاري ڪري ملڪيت تي قبضو ڪري ڳوٺ مان نيڪالي ڏني، غريب، مسڪين آھيون، وڏو ظلم ۽ زيادتي ڪئي وئي آھي، بااثرگهر مان   11 مينهون، 8 ٻڪريون، سولر پليٽن سميت الهه تلهه بااثر ٻهاري ويا آهن، مورو پوليس دانھن ڏيڻ بعد به داد رسي نه ٿي ڪري، حد جو پوليس به بااثرن جي ونگاري بڻيل آھي، پنھنجي گھر کان بي گھر ٿيل آھيون، خاندان جي زندگي داءُ تي لڳل آھي، بااثرن قربان چنڊ،وحيد چنڊ،سليم چنڊ،نديم چنڊ،غلام چنڊ، مان جان جو خطرو آھي،فون تي موت مار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو ٿو وڃي، ھنن سنڌ حڪومت،انساني حقن واري وزارت،چيف جسٽس سنڌ،آجي سنڌ،ڊي جي رينجرس،ڊي آئي جي بينظير آباد،ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين اعلا اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف جانچ ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.