جسٽس عائشه اي ملڪ ڪير آهي ؟

تحرير؛عباد الحق

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن خاتون جج کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن جسٽس عائشه اي ملڪ سپريم ڪورٽ هي جج مقرر نه ٿئي ها ته گهڻو امڪان هو ته اهو 2026 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس بڻجي سگهي پئي. جيڪو تاريخي اعتبار سان هڪ اعزاز هو.

جسٽس عائشه اي ملڪ 3 جون 1966 ۾ جنم ورتو، هن امريڪا ۾ هارورڊ لا اسڪول سميت پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ مان تعليم حاصل ڪئي. هو اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر ۽ نامور قانوندان جسٽس فخر الدين جي ابراهيم جي ايسوسيئيٽ رهي آهي. لڳ ڀڳ چئن سالن 1997 کان وٺي ڪري 2001 تائين هن سان معاون طور ڪم ڪيو آهي.55 ورهين جي جسٽس عائشه اي ملڪ ان لا فرم جو حصو رهي آهي جنهن کي قائم ڪندڙن ۾ جسٽس قاض فائز عيسيٰ به شامل هو. جسٽس عائشه اي ملڪ کي عدليه جي بحالي جي تحريڪ  کان پوءِ 27 مارچ 2012 تي لاهور هاءِ ڪورٽ  جي جج مقرر ڪيو ويو ۽ ڏهن سالن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنهن خاتون وڪيل جي جج جي طوري تي مقرري ٿي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي خاتون جج جسٽس عائشه اي ملڪ هن وقت سينيارٽي جي اعتبار سان چوٿين نمبر تي آهي. هن جي مقرري هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي. جڏهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن کي نظر انداز ڪري انهن جي جاءِ تي پنجين نمبر تي ايندڙ جج کي سپريم ڪورٽ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو .

جسٽس عائشه اي ملڪ جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرري کان پوءِ هن وقت لاهور هاءِ ڪويٽ بار ايسو سي ايشن انهن جي مقررين جي خلاف هڪ ٺهراءُ به منظور ڪيو آهي جنهن ۾ انهن جي مقررين تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.ٺهراءُ ان وقت لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسو سي ايشن جي عاصمه جهانگير گروپ جي صدر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي موجوده جج جسٽس شهرام سرور چوڌري جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي. هو آئيني، بينڪنگ، ٽيڪس ۽ انساني حقن جي معاملن تي دسترس رکي ٿي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ جي مطابق هو پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ بينڪنگ لا ۽ مرڪنٽائل لا پڙهائي چڪي آهي، هن کي انگلينڊ ۽ آستٽيليا ۾ ۾  ٻارن جي تحويل، طلاق، عورتن جي حقن ۽ پاڪستان م عورتن جي آئيني تحفظ جي ڪيسن ۾ ماهر جي طور گهرايو ويندو هو.

هن مختلف اين جي اوز سان گڏجي غربت مٽائڻ، مائيڪرو فائنانسنگ ۽ هنرن جي سکيا جي پروگرامن ۾ سهڪار ڪيو آهي. هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي اشاعت آڪسفورڊ رپورٽس فار انٽر نيشنل لا اِن ڊوميسٽڪ ڪورٽس جي لاءِ پاڪستان جي رپورٽر رهي آهي.

جسٽس عائشه اي ملڪ جي مقبول فيصلن ۾ جنسي تشدد جي شڪار عورتن جي طبي معائني جي طريقيڪار جي باري م فيصلا گهڻو  نمايان آهن. شريف فيملي جي شوگر ملز جي ڏکڻ پنجاب جي علائقي رحيم يار خان منتقلي کان روڪن جو فيصلو پڻ هن جي مشهور فيصلن مان هڪ  آهي.هن جي شادي جني لا ڪاليج جي پرنسپال ۽ قانون دان همايون احسان سان ٿي ۽ هن جا ٽي ٻار آهن.

سپريم ڪورٽ جي جج مقرر ٿين کان پوءِ جسٽس عائشه اي ملڪ جي عهدي جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ  ڪئي ويندي. اڳ هن ٻه جون ٻه هزار اٺاويهه تي رٽائر ٿئي ها پر هاڻي 2031 ۾ رتائرڊ ٿيندي. ان واڌ مان سپريم ڪورٽ جي نئين جج جسٽس عائشه اي ملڪ پنهنجي رٽائرمينٽ کان هڪ سال اڳ چيف جسٽس پاڪستان بڻجي سگهي ٿي جيڪو به هڪ اعزاز هوندو.

ٻئي پاسي بي بي سي موجب،  جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان پاران جسٽس عائشه اي ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرر ڪرڻ جي سفارش کان پوءَ هاڻي اهو معاملو ججن جي مقرري واري پارلياماني  ڪميٽي جي سامهون رکيو ويندو. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس خميس واري ڏينهن چيف جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس جي ايجنڊا هڪ نڪاتي جسٽس عائشه اي ملڪ جي مقرري هو.

جسٽس عائشه ملڪ جو نالو ٻيو ڀيرو ڪميشن جي سامهون آيو آهي،اهو نالو جسٽس گلزار احمد تجويز ڪيو آهي.ڪميشن جي اجلاس بعد قانون واري وزير  فروغ نسيم ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪميشن جي پنجن ميمبرن جسٽس ٿائشه اي ملڪ جي مقرري جي حمايت ڪئي آهي ۽ چئن ميمبرن مخالفت ڪئي آهي.هن مقرري ۾ به سينيارٽي کي نظر انداز ڪرڻ وارو معاملو سامهون آيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.