غلط پاليسين سبب هاري ڀوڳين پيا:هاري تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي هارين تي ظلم نامنظور، سنڌي هاري تحريڪ طرفان 9 نومبر تي حيدرآباد ۾ واپڊو هائڊرو يونين ليبر هال ۾ منجهند جو 1 وڳي “ايڪويهين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال” جي عنوان سان سيمينار ڪوٺائڻ جو اعلان. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، اسماعيل خاصخيلي، انور رند، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ بلاول لاشاري پنهنجي گڏيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سيمينار جي صدارت سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري ڪندو ۽ مهمانِ خاص عوامي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي هوندو. هاري ڪميٽي جو اڳواڻ ثمر جتوئي، عوامي ورڪرس پارٽي جو اڳواڻ بخشل ٿلهو، ناليوارو اديب گل حسن ڪلمتي، مسعود نوراني، بختاور ڄام، وڪيل يوسف لغاري، اسحاق مڱريو، اقبال ملاح، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، نظير لغاري، تاج مري، امداد چانڊيو، شهاب اوستو، مير امان الله ٽالپر، زاهد راڄپر، مشتاق ميراڻي، اقبال رند ۽ ٻيا اديب، دانشور ۽ هاري اڳواڻ سيمينار کي خطاب ڪندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌي عوام کي ڏڪار جي حوالي ڪيو ويو آهي عورت هارين کي اڃا به وڌيڪ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.