ڪشمور ۾ ڀاڻ نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

ڪشمور( ڊ ر) ڪشمور ۾ ڀاڻ نه ملڻ خلاف  آبادگار سراپا احتجاج بڻيل مختلف ديهن جي آبادگارن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڊيلرن ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت خلاف ڇتي نعريبازي، آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي ڀاڻ فراهم ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب ڪشمور ۾ فصلن لاءِ يوريا ڀاڻ نه ملڻ خلاف ديهھ ڏوميوالي ، ديهھ مسووالا ، ديهھ ڪچو ڪشمور ، ديھه مٺڙي، ديهھ ڪڀڙ جي آبادگارن پاران ڪڻڪ جي فصل لاءِ يوريا ڀاڻ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن جو چوڻ هو ته ڊي سي ڪوٽا تحت ايندڙ ڀاڻ کي فوڪل پرسن رشوت عيوض من پسند ڊيلرن کي فراهم ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڊيلر انتظاميا جي ملي ڀڳت مان فائدو وٺي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري آبادگارن کي ڦرڻ ۾ مصروف بڻيل آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن هفتن کان فصل لاءِ ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ ڊيلرن وٽ چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون. آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، زراعت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي نوٽيس وٺي رشوت خور فوڪل پرسن کي هٽائي بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.