ڪرپٽو ڪرنسي آڙ ۾ پاڪستانين سان 18 اربن جو فراڊ، عالمي ايجنسي کي نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) ڪرپٽو ڪرنسي جي آڙ ۾ پاڪستاني شهرين کان 18 ارب رپين کان وڌيڪ جي فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستانين سان اربين رپين جو فراڊ آن لائين ايپليڪيشنز ذريعي ڪيو ويو ۽ اهي آن لائين ايپليڪيشنز ڪرپٽو ڪرنسي جي عالمي ايڪسچينج بائينانس سان سلهاڙيل هيون. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ بائينانس جي پاڪستان ۾ جنرل مينيجر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ ايف آءِ اي آمريڪا ۽ ان آءِ لينڊ ۾ بائينانس جي هيڊ ڪوارٽرز کي به نوٽيس موڪليا آهن.ايف آءِ اي طرفان موڪليل نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته امڪاني طور تي ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ٽيرر فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ به ٿي رهي هئي، پاڪستان ۾ 11 موبائل فون ايپليڪيشنز بائينانس سان رجسٽرڊ هيون جن جي ذريعي فراڊ ٿيو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي سربراهه عمران رياض موجب 11 موبائل فون ايپليڪيشنز ڊسمبر ۾ اوچتو بند ٿي ويون جن تي هزارين پاڪستاني رجسٽرڊ هئا، انهن هزارين پاڪستانين ڄاڻايل ايپليڪيشنز تي اربين رپيا لڳايا هئا. عمران رياض جو چوڻ هو ته ايپليڪيشنز ذريعي شروعات ۾ ورچوئل ڪرنسيز ۾ ڪاروبار جي سهولت ڏني ويندي هئي، بٽ ڪوائن، ايٿرام، ڊوج ڪوائن وغيره ۾ سيڙپڪاري بائينانس ذريعي ظاهر ڪئي ويندي هئي، ايپليڪيشنز جي ٽيليگرام اڪائونٽ تي ماهرن ڪرپٽوڪرنسي تي جواب به کيڏائيندا هئا. هن جو اهو به چوڻ هو ته هڪ ايپليڪيشن تي 5 کان 30 هزار ڪسٽمبرز ۽ سيڙپڪاري 100 کان 80 هزار ڊالر هئي، ايپليڪيشنز ذريعي عوام کي وڌيڪ ماڻهن کي آڻڻ تي ڳري منافعي جي لالچ ڏني ويندي هئي. سائبر ڪرائيم ونگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي کي بائينانس جا 26 شڪي بلاڪ چين والٽ مليا جن تي رقم منتقل ٿي. بائينانس کان ان بلاڪ چين والٽس جا تفصيل گھريا آهن. عمران رياض جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي پاڪستان پاڪستان مان بائينانس ذريعي ٿيل ٽرانزيڪشن جي جاچ ڪري رهيو آهي، بائينانس ٽيرر فائنانسنگ ۽ مني لانڊرنگي لاءِ سولو رستو آهي، اميد آهي ته بائينانس ان مالي ڏوهه جي جاچ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.